شرافت جي پلصراط

شرافت جي پلصراط

شرافت جي پلصراط

شرافت جي پلصراط (ڪتاب): هي ڪتاب عطيه دائود جي عورتازاد (Feminism) بابت آزاد نظمن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ شيخ اياز لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته، “سنڌ ۾ عورتازاد جي شاعريءَ جي بهترين مصنفه عطيه دائود آهي. عطيه جي شاعريءَ ۾ آرٽ کي اوليت آهي.” عطيه دائود هن ڪتاب ۾ فيمينزم بابت مختلف چاليهن موضوعن تي آزاد نظم لکيا آهن. انهن چاليهن ئي نظمن جو اردوءَ ۾ ترجمو ‘شرافت کا پُلصراط’ جي نالي سان فهميده رياض ڪيو آهي.
ڊيمي سائيز ۾ 193 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سهائي بڪس، ڪراچيءَ طرفان 1997ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 120 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ شرافت جي پلصراطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو